بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡم
السلام عليڪم!
المعصوم اسلام جي انقلابي ،فڪري،ادبي، نظرياتي،ثقافتيءعقيدتي سرحدن جو محافظ رسالو
آهي جيڪو 1985 ڪان اصغريه اسٽوڊنٽس آرگناءيزيشن پاڪستان طرفان هلنڌڙآهي
المعصوم ! هڪ اهڙو ماهوار علمي خزانو: جنهم ۾ ديني، علمي، فڪري، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي
ڄاڻ سان گڏوگڏ تاريخِ اسلام جي مڃيل عالمن، دانشورن ۽ تحقيق ڪندڙن جي علمي پورهي کي
سولي سنڌي ۾ ترجمو ڪري وادي مهراڻ جي علم دوست ۽ علم جي چاهت رکندڙن اڳيان پيش ڪيو
وڃي ٿو
جيڪڏهن اوهان قرآني مفهوم، تفسير ۽ ضميمو، حديثن جي حڪمت، اسلامي تاريخ جا لاها چاڙها،
قومن جي عروج ۽ زوال جا سبب، مسلمانن جي ترقي ۽ زوال جا سبب، عمل ۽ تحريڪ جا فائدا،
سٺن اخلاقن جي برڪت، معاشري جي اصلاح جا رهنما اصول ڪن وڏن ڪتابن جي ورقگرداني کان
سواء ڪنهن مختصر ڊاڪيومينٽ ۾ ڏسڻ چاهيو ته اوهان جي اها گھرج المعصوم پوري ڪري سگھي
ٿو
خدا اوهان جو حامي و ناصر
اوهانجو پنهنجو
غلام شبير مجتبٰي
چيف ايڊيٽر
تازو شمارو پڙھڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
|